مٽياري (رپورٽر) مٽياري ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي ، ٽائون ليبر يونين جي سڏ تي ملازمن آفيس جي سمورين برانچن کي تالا هڻي ڇڏيا، ملازمن جي پگهار ويهه تاريخ ٿين باوجود رليز نه ٿي آهي ٻچا بک تي ويٺل آهن، ليبر يونين اڳواڻن وڌيڪ چيو ته دڪاندارن وکر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ڪيڏانهن وڃون، ملازمن جي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري شهر ۾ صفائي به ٿي سگهي، هر هنڌ گنددگي جا ڍير لڳلي ويا هئا، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زهراڻي ٻڌايو آهي ته او زي ٽي شئير دير سان اچڻ ڪري پگهارون ليٽ ٿيون هنيون ۽ اڪائونٽ ڊارمين ٿي ويو هو جيڪو ايڪٽو ڪري ملازمن جون پگهارون جاري ڪيو وينديون.