ملير (رپورٽر) ملير، پپري سميت مختلف علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ خلاف کدڙن فقيرن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم جينڊر اٽيڪيٽو الائنس (جيا) سنڌ جي سينئر نائب صدر انجو فقير جي اڳواڻي ۾ کڌڙن فقيرن پپري ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي انجو فقير ۽ ٻين دانيهندي چيو ته ملير جي ڪروڙين رپيا بجيٽ باوجود مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪم ناهن ٿيا، علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب گندگي جا ڍير لڳل آهن، هنن چيو ته شڪايتن باوجود ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، جيڪڏهن هفتي اندر علائقي مان صفائي نه ڪرائي وئي ته ملير پريس ڪلب آڏو نيشنل هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.