ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر ) بلڙي شاھ ڪريم جي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن جي پگهارن ۾ ڪٽوتي، پگهارون بند ڪرڻ، صفائي نه ٿيڻ، گٽر اٿلي پوڻ ، روڊن رستن جي زبون حالت جي خلاف جيئي سنڌ محاذ ، تاجران فيڊريشن جي طرفان 7هين ڏينهن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي،ر زاهد جسڪاڻي ، انسان دوست ٽرسٽ جي بلاول سومرو، ارشاد علي ڪاتيار، احسان انصاري ، تاجران فيڊريشن جي صدر حاجي محمد اسماعيل ميمڻ، شعيه ڪائونسل جي اڳواڻ يعقوب جمالي ۽ ٻين چيو ته ٽائون ڪميٽي جي عملدارن، ملازمن سان ناانصافين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، صفائي واري ملازمن کان وٺي آفيس ورڪ جي ملازمن جون ماهوار پگهارون بند ڪرڻ ۽ ڪٽوتي جو سلسلو ڪيتري عرصي کان جاري آهي. ملازمن کي فارغ ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو هيسايو وڃي پيو، بلڙي شاھ ڪريم انيڪ مسئلن جو شڪار آهي ، گندگي جي آزار وڌي ويو آهي. بوائز ڊگري ڪاليج جي عمارت مڪمل تعمير نه ٿي سگهي آهي، اسڪولن جي حالت زبون آهي، اسپتال نالي ۾ صحت جو مرڪز بڻيل آهي پر اسپتال جي اندر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي کوٽ سان گڏ دوائون اڻ لڀ آهن، سرڪاري پلاٽن تي قبضا مافيا غيرقانوني قبضو ڪيو آهي، قبرستانن کي ڊاهي مسمار ڪيو وڃي پيو ، ظلم ۽ زيادتين کي بند ڪيو وڃي.