بدين (رپورٽر) بدين جي ميونسپل ڪاميٽي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف پنجين ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ملازمن انور ملاح،اشوڪ، چوني، سني، ديپڪ، لئليتا، فرزانا ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سي ايم او ٻن مهينن کان بنا جواز پگهارون بند ڪري ڇڏيون آهن، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي، هوڏانهن وزير اعليٰ سنڌ جي صلاحڪار رسول بخش چانڊيو، ايم پي اي تاج محمد ملاح ۽ پ پ ضلعي صدر رمضان چانڊيو ڊسٽرڪٽ ھال ۾ ملازمن کان ڳالهيون ڪري کين مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي پر ملازمن احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ملازمن جي هڙتال سبب شهر گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن.