مٽياري (رپورٽر ) مٽياري ۾ قومي شاھراھ تان مقامي اين جي اوز جو ڊرائيور ڪار سميت اغوا ٿي ويو، مٽياري پوليس موجب مقامي اين جي اوز جو ڊرائيور طرعت آفيس ٻاهران ڪار صاف ڪري رهيو هو ته اڻڄاتل ماڻهو کيس اغوا ڪري ويا، جنهن جو اطلاع مقامي پوليس کي مليو جنهن بعد مختلف علائقن ۾ ناڪابندي ڪئي وئي، جنهن بعد اطلاع مليو ته ڦورو ڪار ڪاهي فرار ٿي ويا آهن، ڊرائيور کي ڄامشورو ۾ ڇڏي ويا آهن، جنهن جي تصديق ايس ايچ او مٽياري پڻ ڪئي آهي، آخري اطلاعن تائين گاڏي جو ڪو به پتو نه پئجي سگهيو هو ۽ ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ به ساڳئي علائقي مان حيدرآباد واسين کان روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ٿيا هئا جنهن جو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.