ملير (رپورٽ: ناز شر) ڪراچي کان ميرپور خاص ويندي صحافي جو ڀاءُ ۽ مقامي زميندار سميت 3 نوجوان هٿياربندن هٿان اغوا، ڪجهه ڪلاڪن بعد هڪ ڄڻي کي ڇڏي ٻن نوجوانن کي هٿياربند پاڻ سان گڏ کڻي ويا، ڪار پوليس ٿاڻي ويجهو هٿ، واقعي جي ايف آءِ آر داخل. خبر موجب سپر هاءِ وي نادرن باءِ پاس ويجهو ڪراچي کان ميرپورخاص ويندي صحافي عقيل وساڻ جي ڀاءُ سميت ٽي نوجوان ذوالفقار وساڻ، زوهيب مري ۽ محسن مريءَ کي نامعلوم هٿياربندن اغوا ڪري ويا. ڪجهه ڪلاڪن بعد نوجوان زوهيب مري کي ڇڏي ذوالفقار وساڻ ۽ محسن مري کي هٿياربند يرغمال بڻائي فرار ٿي ويا. مغوين جي ڪار سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي ويجهو پارڪنگ مان هٿ آئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي زوهيب مري ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ دوست جي عيادت بعد گڏجي ميرپورخاص لاءِ نڪتاسين ته سپر هاءِ وي تي ناردرن باءِ پاس وٽ چئن پنجن ھٿياربندن گاڏي روڪي يرغمال بڻائي پاڻ سان هلڻ لاءِ چيو. اڳتي هلي مون کي ڇڏي، ذوالفقار ۽ محسن کي پاڻ سان کڻي فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪيس سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ٻئي طرف واقعي جو ڪيس ذوهيب مري جي مدعيت ۾ پنجن اڻ ڄاتل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو ويو آھي. پوليس شڪ جي بنياد تي سپر هاءِ وي ويجهو شھباز ڳوٺ مان ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.