مٽياري (رپورٽر) مٽياري ۽ ڀرپاسي چوپائي مال ۾ بيماريون پکڙجي ويون آهن، جنهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه ضلعي جي مختلف علائقن مان چوپائي مال ۾ بيمارين بابت عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي جانورن جي پالنا واري کاتي جي عملدارن کي فوري طور تي تحرڪ ۾ اچڻ، بيمار جانورن جو علاج ڪرڻ، وچڙندڙ بيمارين کان بچائو لاءِ جانورن جي ويڪسينيشن جي عمل کي تيز ڪري ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. سيد مرتضيٰ علي شاهه مٽياري، هالا ۽ نيوسعيدآباد تعلقي جي ٻهراڙي وارن علائقن مان مالوندن پاران سوشل ميڊيا ۽ سڌو سنئون ڊپٽي ڪمشنر آفيس ڏانهن اماڻيل شڪايتن جو سختي سان نوٽيس وٺندي چيو آهي ته لائيو اسٽاڪ کاتي کي ترت جوڳا اپاءُ وٺي بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ گهرجن. غفلت ۽ لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي.