مانجھند (ن پ ا) کاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ عبدالغني کوسو جي رھواسين ٻارڙن سميت ڳوٺ ۾ اسڪول نھ ھجڻ خلاف لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي قمبر علي کوسو صادق کوسو پٺاڻ کوسو دلبر کوسو فيروز کوسو ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته اسان جو ڳوٺ عبدالغني کوسو کي قائم ٿئي 60 سال گذري ويا آھن ھن وقت ڳوٺ جي آبادي تقريبن پنج ھزار کان وڌيڪ آھي اسان جي ڳوٺ ۾ ٻيون ته سھولتون موجود ناھن پر ھن جديد دور ۾ به اسان جي ڳوٺ ۾ سرڪاري اسڪول ناھي جڏھن ته ڳوٺ ۾ 400 کان مٿي ٻارڙا موجود آھن جيڪي تعليم جھڙي زيور کان محروم آھن رھواسين ٻڌايو ته ڳوٺ جا ٻارڙا 2 ڪلو ميٽر پنڌ ڪري کاڻوٺ حبيب الله موڙ وڃن ٿا ته اتان جا استاد چون ٿا ته اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ جي ڪري توھان جا ٻار اسڪول م داخل نٿا ڪري سگھون اسان جا وڏڙا ۽ اسان ت اسڪول نھ ھجڻ جي ڪري تعليم حاصل نھ ڪري سگھياسين پر اسان جي ٻارڙن لا۽ ڳوٺ ۾ اسڪول ڏئي تعليم جي سھولت ڏني وڃي ھنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ بلاول ڀٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ت ڳوٺ عبدالغني کوسو جي ٻارڙن کي اسڪول ڏئي تعليم جي سھولت ڏني وڃي.