واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي ۾ احساس ڪفالت سينٽر ۾ ريٽيلرن جو جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي کانپوءِ احساس ڪفالت سينٽر تي کي تالو ڏنو احساس ڪفالت سينٽر تي پيسا وٺڻ لاءِ آيل عورتون پريشان ان موقعي تي احتجاج ڪندي ريٽيلرن قربان لاشاري، نياز رستماڻي، معشوق ۽ ٻين چيو ته اسان ماڻهن کي رليف ڏيو ٿا ماڻهو اسان ڏي اچن ٿا جنهن سبب ريٽيلر زبير جمالي، اسلم لغاري، حاڪم جمالي ۽ ٻين سياسي مداخلت ڪري اسان جا ڊيوائيس بند ڪرائي ڇڏيا آهن، جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن ڪنيڪٽ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.