مٺي: دودو ڀيل مامرو: ٿرڪول بلاڪ جا 300 پورهيت بائيڪاٽ ڪري ڌرڻي ۾ شريڪ

0
259

مٺي: ٿر ڪول بلاڪ 2 ۾ ڪم ڪندڙ 3 سئو پورهيتن ڊيوٽي جو بائيڪاٽ ڪري ريلي جي شڪل ۾ اسلام ڪوٽ وٽ لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي ويا آهن. اسلام ڪوٽ ۾ پورهيت دودو ڀيل جي قتل خلاف ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آهي، ٿر ڪول ايريا جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن پنهنجي ساٿي مزدور دودو ڀيل جي قتل خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري اسلام ڪوٽ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. پ پ پ جي ضلع صدر انجينئر گيان چند ۽ صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولهي سشيل ملاڻي احتجاج ۾ شريڪ ٿي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪندي احتجاج جي ڀرپور حمايت ڪري ڇڏي.