مولانا فضل الرحمان صحتياب ٿي ويو، اسپتال مان ڊسچارج

0
233

اسلام آباد: پي دي ايم جو سربراهه مولانا فضل الرحمان صحتياب ٿيڻ بعد ڪراچي جي نجي اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويو آهي. جنهن بعد هو ڪراچي کان اسلام آباد روانو ٿي ويندو. مولانا کي ڪيترن ئي ماڻهن صحتيابي تي گلدستا پيش ڪيا. مولانا فضل الرحمان مثاني ۾ انفيڪشن ۽ بخار سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. هو 24 جون تي اسپتال داخل ٿيو ۽ اٺن ڏينهن بعد صحتياب ٿيو.