سون 1500 رپيا سستو: ڊالر ۾ 30 پئسا گهٽتائي

0
369

ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) سون 1500 رپيا سستو: ڊالر ۾ به 30 پئسا گهٽتائي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1500 رپيا گھٽتائي سان 109000 مان 107500 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا واڌ سان 1480 مان 1500 رپين تي پهتي، ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 30 پئسا لاٿ سان 158.8 مان 158.5 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ 2 رپيا 60 پئسا لاٿ سان 221.6 مان 219 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 2 رپيا 15 پئسا گهٽتائي سان 189.15 مان 187 رپيا ٿي ويو.