نوشهروفيروز/مٺياڻي (نمائندن وٽان) مٺياڻي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان پوليس اهلڪار علي نواز انڙ هٿياربندن هٿان گوليون هڻي قتل، ڪيس داخل، جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو. مٺياڻي ويجهو ڳوٺ نبي بخش انڙ جي رهواسي پوليس اهلڪار علي نواز نڙ گهر کان ابڙان اچي رهيو هو ته تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي مٺياڻي پوليس ۽ ابڙان پوليس واقعي واري هنڌ پهچڻ کان پوءِ حد بندي جو تڪرار سامهون اچي ويو، جنهن جي ڪري لاش مسلسل ٽي ڪلاڪ ڪمند جي فصل ۾ پيل رهيو. نوان جتوئي ۽ نوشهروفيروز ٿاڻن جي پوليس جاءِ واردات تي پهچي جاچ ڪرڻ کان پوءِ حد ابڙان ٿاڻي جي آهي ثابت ٿيڻ کان پوءِ ابڙان پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي نوشهروفيروز اسپتال منتقل ڪندي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش ورثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.