مٺياڻي : مقتول پوليس اهلڪار علي نواز انڙ ۽ سندس ڀاءُ نظام الدين ۽ ڀائيٽا ظامن علي انڙ ۽ نبي بخش عرف فياض انڙ پاران سڱاوتي تڪرار تان پنهنجي برادري جي نوجوان عرفان انڙ کي 6 مهينا اڳ قتل ڪيو هو، جنهن جي قتل جي ايف آءِ آر مٺياڻي ٿاڻي تي عرفان جي ڀاءُ راهب انڙ داخل ڪرائي هئي جنهن کان پوءِ مٺياڻي پوليس نظام الدين انڙ، ظامن علي ۽ نبي بخش عرف فياض انڙ کي گرفتار ڪري جيل موڪليو هو. جڏهن ته مقتول پوليس اهلڪار علي نواز انڙ ضمانت تي ٻاهر هو. جڏهن ته علائقي ۾ چوٻول آهن ته 6 مهينا اڳ قتل ٿي ويل نوجوان عرفان انڙ جي پلاند ۾ علي نواز کي قتل ڪيو ويو آهي.