مٺياڻي: هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو

0
241

مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ڀرسان ڳوٺ نبي بخش انڙ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پوليس اهلڪار کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي ابڙان ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتول جو لاش نوشهرو فيروز منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار علي نواز انڙ کي پراڻي دشمني سبب قتل ڪيو ويو آهي، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.