لاڙڪاڻو: پوليس جي مبينا تشدد ۾ پورهيت فوت، ڌرڻو

0
435
مورو ويجھو روڊ

لاڙڪاڻو: ٻيڙو چانڊيو ڀرسان قمبر سٽي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ٽريفڪ اهلڪارن جي مبينا تشدد ۾ 18 ورهين جو پورهيت تنوير جتوئي فوت ٿي ويو، پورهيت نوجوان جو لاش لاڙڪاڻو قمبر روڊ تي رکي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مديجي شهر جي حيات شاهه محلا واسي فوتي پورهيت جي پيءُ عابد، عرس، مور جتوئي، راجا جتوئي ۽ ٻين الزام لڳايو ته اڄ صبح جي وقت اسان ٽريڪٽر ۾ سرون ڀري ٻيڙو چانڊيو کان لاڙڪاڻي شهر وڃي رهيا هئاسين ته ميان شال محمد پوليس چوڪي وٽ پوليس اهلڪارن ۽ ٽريفڪ اهلڪارن روڪي ڀتي جي گهر ڪئي، انڪار تي اهلڪارن 18 ورهين جي نوجوان تنوير پٽ عابد حسين جتوئي کي ٽريڪٽر تان لاهي تشدد جو نشانو بڻايو جتي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب تنوير فوت ٿي ويو. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته قتل ۽ ڀتي خوري ۾ ملوث پوليس ۽ ٽريفڪ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.قمبر سٽي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا اھلڪارن جي تشدد ۾ فوت ٿيل پورھيت تنوير جتوئي واري معاملي جو ايس ايس پي قمبر نوٽيس ورتو، پورھيت تنوير جتوئي جي وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو ھڻڻ تي ايس ايس پي سمير نور نوٽيس وٺندي فوتي پورھيت جي وارثن ۽ اھلڪارن جا بيان ورتا، جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته اھلڪار چون پيا ته ٽريڪٽر کي روڪڻ لاءِ ھٿ ڏنو پر نه بيٺا، جنهن بعد پورهيت پاڻ ٽريڪٽر تان ڪري فوت ٿيو ۽ وارث چون پيا ته اھلڪارن تنوير کي تشدد ڪيو آهي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو، ايس ايس پي موجب واقعي جو ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، وڌيڪ جاچ ھلي رھي آهي.