ڪراچي:  صوبا قومون ۽ ميڊيا جي عنوان ھيٺ ٿيل سيشن ۾ ماڊريٽر  نامياري صحافي وسعت اللھ خان جي سوالن جا جواب ڏيندي  نامياري صحافي ۽ اينڪرپرسن سليم صافي چيو ته سنڌ ۾ لکين ماڻهو ٻڏل ھئا ـ جيڪا ھتي ٻوڏ آئي اھا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ھجي ھا ته ڪا به ٻئي خبر نه ھلي ھا پر آئون به مالڪ ناھيان مالڪن کان پگھار وٺندڙ آھيان ـ پر اعتراف ٿو ڪريان ته ميڊيا جو ٻوڏ دوران رويو غير سنجيدا ھو ـ جيڪو اڳ ۾ اسان وٽ بلوچستان جي حوالي سان رھيو آھي ـ پر ڪجهه قوم کي به پنهنجي ٽيسٽ تبديل ڪرڻي پوندي ـ ٻوڏ ماڻهن کي ڳڙڪائي وئي ۽ حڪمران ٻوڏ کي ڳڙڪائي ويا