ڪراچي: ناليواري محقق گل حسن ڪلمتي چيو ته ڪراچي جي روينيو رڪارڊ ۾ ھر ديھه جي ان زماني جي آبادي ۽ نالن کي شامل ڪيو آھي ـ گل حسن ڪلمتي جي لکيل ڪتاب تي ويھڪ ۾ نامياري محقق فقير اعجازالدين ـ رحمان گل پالاري ـ يونس خاصخيلي ۽ رمضان ويچار ونڊيا ـ ماڊريٽر  ڊاڪٽر ايوب شيخ ھو ـ ان موقعي تي ڳالهائيندي گل حسن ڪملتي چيو ته ڪراچي جي 46 ڪوارٽرن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي ـ ھرچند راءِ وشنداس جيڪو 10 سال ڪراچي ميونسپل ڪمييي جو چيئرمين رھيو ھن جي نالي سان ھڪڙو روڊ ھو انھي جو نالو به برداشت نه ٿيو ۽ تبديل ڪيو ويو ـ ماڻھن کي ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ـ نوجوانن کي تاريخ سان دلچسپي آھي انھن کي پڙھائڻ جي ضرورت آھي رڳو ڪوڙي تاريخ پڙھائي وڃي ٿي ـ