ميڊرڊ اوپن: وومين ايونٽ بيلاروس جي آريانا جي نانءُ

0
384

ميڊرڊ اوپن (اسپورٽس نيوز) اٽلي جي ميٽيو بريٽيني ۽ جرمني جي اليگزينڊر زاريون ميڊرڊ اوپن جي فائنل جي لاءِ ڪوائيفائي ڪري ورتو، عورت ايونٽ بيلاروس جي آريانا سابالينڪا جي نالي رهيو، اسپين ۾ جاري ٽينس ٽورنامينٽ جي سيمي فائنلز ۾ ٽينس لوورز کي سٺي ميچ ڏسڻ جو موقعو مليو، جرمني جي ايلگزينڊر زرايو ۽ آسٽريا جي ڊوميني ٿائم ۾ مقابلو ٿيو، اها ميچ ڇهه 3 ۽ ڇهه چار سان سان زاريون کٽي ورتو، ٻي سيمي فائينل ۾ اٽالين ايٽ سيڊ ميٽيو بريٽيني جو مقابلو ناروي جي ڪيسپر روڊ سان هو، بريٽيني مخالف پليئر کي کيڏڻ جو موقعو ئي نه ڏنو، ۽ اسٽريٽ سيٽ ۾ هارائي فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي، بريٽيني ان ميچ ۾ ڇهه چار ۽ ڇهه چار سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ٻي پاسي عورتن جي ايونٽ جو فائنل بيلاروس جي آرينا سابي لينڪا ۽ ورلڊ نمبر ون ايشلي بارٽي وچ ۾ کيڏيو ويو، بيلاروس جي پليئر ايشلي کي شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.