ٺڪراٺو ڀرسان بيواھ جي گهر تي چڙهائي، ٻن پٽن سوڌو زخمي

0
307

ٺڪراٺو (ن پ ا) ٺڪراٺو ڀرسان بيواھ جي گھر تي چڙھائي ڪئي وئي، عورت کي ٻن پٽن سوڌو زخمي ڪيوويو، هٿياربندن پاران ڳوٺ ڳاڙهو دڙو ۾ بيواھ عورت رحمت خاتون شيخ جي گهر تي چڙهائي ڪري ڏني لٺيون ۽ ڪهاڙيون هڻي بيواهه عورت رحمت خاتون سندس ٻه پٽ غلام رسول، عبدالله شيخ ۽ پاڙيسري عبدالمالڪ راڄڙ کي سخت زخمي ڪري وڌو، زخمين کي ٿاڻو مبارڪپور تي نيو ويو جتان ميڊيڪل ليٽر ڏئي ترت علاج لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل نيو ويو آهي، زخمي عورت جو چوڻ آهي ته خانپور مهر واسي مهر برادري جا ماڻھون ڌمڪيون ڏيندا هئا جن صبح جو سوير حملو ڪيو آھي.