حسن علي جي ٻي ٽيسٽ ۾ خطرناڪ بالنگ: زمبابوي فالو آن جو شڪار: پاڪستان کي سرسي حاصل

0
374

هراري (اسپورٽس نيوز) حسن علي جي خطرناڪ بالنگ جي ڪري زمبابوي جي سموري ٽيم ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 132 رنز تي ڍير ٿي وئي. راند جي ٽين ڏينهن زمبابوي پنهنجي پهرين اڻپوري اننگز 52 رنز 4 رانديگر آئوٽ تان شروع ڪئي ته رڳو هڪ رن جي اضافي بعد ٽنڊائي چسورو حسن علي جو شڪار ٿيو. ان کانپوءِ وقفي وقفي سان ميزبان ٽيم جون وڪيٽون ڪرنديون رهيون ۽ ائين ئي سموري ٽيم پاڪستان جي 510 رنز جي جواب ۾ 132 رنز تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان کي پهرين اننگز ۾ 378 رنز جي سرسي حاصل ٿي وئي آهي. پاڪستان طرفان حسن علي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 27 رنز عيوض 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، 2 وڪيٽون ساجد خان جي حصي ۾ آيون، جڏهن ته هڪ هڪ وڪيٽ شاهين ۽ تاپش کي به ملي وئي. زمبابوي طرفان ريگس چڪبوا 33 رنز ٺاهي نمايان رهيو، جڏهن ته ڊونلڊ ترپانو 23، ليوڪ جونگوي 19 ۽ رچرڊ نگاروا 15 رنز اسڪور ڪيو. پاڪستان پنهنجي اننگز ۾ عابد علي جي شاندار ڊبل سينچري ۽ اظهر علي جي سينچري جي مدد سان 510 رنز اسڪور ڪيو هو.