مائرن جي عالمي ڏينهن تي رانديگرن جا جذباتي پيغام

0
439

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) مائرن جي عالمي ڏينهن رانديگرن جذباتي پيغام شيئر ڪندي پنهنجي امڙين کي ڀيٽا پيش ڪئي. سڀ کان پهريان پاڪستاني ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو ته امڙ اوهان تمام گهڻيون ياد ٿيون اچو، ڪيڏانهن وڃا، ڏک منجهان هيانءُ ٿو ڦاٽي. عمر اڪمل به پنهنجي امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. وهاب رياض مائرن جي ڏينهن تي پنهنجي امڙ سميت سموري دنيا جي مائرن کي واڌايون ڏنيون ۽ ڀيٽا پيش ڪئي. ڪرڪيٽر شان مسعود به پنهنجي امڙ کي ڀيٽا پيش ڪئي. عماد وسيم چيو ته امڙ جي محبت ۽ قربانين کي ڪڏهن وساري نٿو سگهجي. ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا مدرز ڊي تي پنهنجي امڙ سان گڏ تصوير شيئر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي. ٽينس اسٽار ماحور شهزاد امڙ کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته امڙ جي ڪري ڪيريئر ۾ ڪاميابيون مليون آهن.