ميهڙ (رپورٽ:پاويل جوڻيجو) ميهڙ۾بدامني، منشيات، جوا جي اڏن هلڻ ۽ ٻين سماجي براين خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. ميهڙ فورم جي سڏ تي اڳواڻن ذوالفقار علي کوکر، سعيد احمد پنهور، قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر نائب صدر منور جتوئي، افضل درياڻي، عبدالغفار هالو، جان محمد جهنڊير، ڪليم الله تيوڻو، ابوذر ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيارڪاري  آفيس کان احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مختلف رستن سان هڪ ڪلو ميٽر گشت ڪري امن امن کپي ميهڙ کي امن کپي جا، بدامني، جوا، منشيات جي اڏڻ ۽ سماجي براين جي خاتمي ۽ ميهڙ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين گهنٽا گهر چوڪ تي 4ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. اڳواڻن چيو ته ميهڙ شهر ۾  ڦرون، چوريون روز جو معمول بڻيل آهن،جوا، منشيات، فحاشي جا اڏا سر عام هلي رهيا آهي ،نشي آور شيون چرس ،آفيم ،ڀنگ ۽ بندش پيل گٽڪو ،زيڊ 21سوپارين شهر جي هر محلي جي گهٽي ۾ سرعام وڪرو ٿي رهيون آهن ،بدامني ڪري ميهڙ جي ڪاروباري ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي ،منشيات ،جوا جي اڏن هلڻ ۽ نشي آوار شيون وڪرو ٿيڻ ڪري نوجوان نسل سان گڏ ،معصوم ٻار متاثر ٿي رهيا آهن ،هنن چيو ته ميهڙ پوليس ۽ ايڪسائيز پوليس ميهڙ شهر ۾ امن ڪرائڻ ۽ سماجي برايون ختم ڪرائڻ بجاء ڏوهارين جي پاٿارين ۽ منشيات ،جوا جي اڏن تان هفتو ۽ منٿليون وصول ڪرڻ ۾ پوري آهي ،ميهڙ ۾ بدامني سميت سمورين سماجي براين ۾ ميهڙ پوليس جا عملدار ملوث آهن ،ميهڙ فورم جي اڳواڻن آء جي سنڌ ،ڊي آء جي حيدر آباد ۽ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ سماجي براين جو نوٽيس وٺي ميهڙ پوليس کان پڇاڻو ڪري ميهڙ شهر سميت سموري تعلقي ۾ امن قائم ڪرائي ،جوا ،منشيات جا اڏا ۽ سماجي برايون ختم ڪرايون وڃن ڏوهن ۽ سماجي براين ۾ ملوث ڏوهارين کي گرفتار ڪيو وڃي ،هنن چتاء ڏنو ته ميهڙ پوليس 48ڪلاڪن اندر ڏوهارين خلاف آپريشن ڪري ڏوه ختم نه ڪرايا ۽ سماجي برايون ختم نه ڪرايون ته ميهڙ فورم جي پليٽ فارم تان شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪرائي ،انڊس هاء وي روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ميهڙ پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو ويندو.