ننگرپارڪر (ن پ ا ) ڪارونجهر جي مشهور پڪنڪ پوئنٽ ساڙڌڙو روڊ برسات سبب اکڙي ويو،  روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڏا کڏا هجڻ بسب  ڪنهن  به وقت وڏو حادثو ٿيڻ جو امڪان آهي، گذريل 12 ڏينهن کان جهڙالي موسم ۽ برسات سبب سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياحن جي وڏي انگ ڪارونجهر جو رخ ڪيو آهي جڏهن ته گاڏين جي رش سبب ساڙڌڙو روڊ تباهه هجڻ سبب سياحن کي ڏکيائيون آهن،ان حوالي سان رهواسين ٻڌايو ته روڊ ٽٽي وڃڻ سبب اچ وڃ ۾ سخت ڏکيائيون آهن، نوٽيس وٺي روڊ جي مرمت ڪرائي وڃي.