ميهڙ کي ٻوڙڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان: نادر مگسي جي وضاحت

0
361
ميهڙ کي ٻوڙڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان: نادر مگسي جي وضاحت

پ پ ايم پي اي نادر مگسي وضاحت ڪئي آهي ته ميهڙ سميت سنڌ جو ڪو به شهر ٻوڙڻ جي ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان، غلط خبرون هلي رهيون آهن

هن وڊيو بيان ۾ وضاحت ڪئي ته مون ميهڙ شهر کي ٻوڙڻ نه پر بچائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي: ميهڙ وارن کي منهنجي ضرورت پوي ته مان ڏينهن رات هنن لاءِ حاضر آهيان
نادر مگسي چيو ته وزيراعظم کي بريفنگ دوران مان اهو چيو ته پاڻيءَ کي جلد نيڪال ڪيو ته جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿئي، ميهڙ منهنجو شهر آهي
نادر مگسي چيو ته ميهڙ بچائڻ لاءِ ڏنل رنگ بند ننڍو آهي، وڏي وزير کي رنگ بند وڏو ڪرڻ لاءِ مشينري پهچائڻ جو چيو آهي

ھي به پڙھندا

وڏي وزير ۽ نادر مگسي وچ ۾ قمبر شهدادڪوٽ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ تان تڪرار

ميهڙ شهر جي رنگ بند تي دٻاءُ، عورتون ۽ ٻارڙا پهرا ڏيڻ لڳا