ملڪ ۾ ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي: ذوالفقار علي ڀٽو جونئير

0
893
ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پيپلزپارٽي
ملڪ ۾ ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي: ذوالفقار علي ڀٽو جونئير

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهيد مير مرتضيٰ جي پڳدار پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻن ڏهاڪن دوران ٿيل ڪرپشن جي هڪ وڏي حصي جي ذميوار پيپلزپارٽي آهي، ڪرپشن سبب سنڌ سميت ملڪ جو بنيادي ڍانچو مستحڪم نه ٿي سگهيو آهي
ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو ته ڪرپشن جي ڪري ٻوڏ ۽ ٻين آفتن کي منهن ڏيڻ وارو ڍانچو متاثر ٿيو آهي
هن چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن تعليم کاتي مان شروع ٿئي ٿي، والدين کي ڪاليج ۾ ٻار داخل ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏيڻي پوي ٿي
ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته منهنجي پنهنجي خاندان تي هيءَ تنقيد ذاتي نه پر سياسي نوعيت جي آهي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ انقلاب اچڻ وارو آهي، ماڻهو موجوده نظام مان تنگ آهن: جونيئر ذوالفقار ڀٽو