آبپاشي کاتي منڇر ڍنڍ کي وڌيڪ 2 ڪٽ لڳائي ڇڏيا

0
513

ڀان سيد آباد: آبپاشي کاتي منڇر ڍنڍ کي آر ڊي 50 ۽ 52 وٽان 2 ڪٽ لڳائي ڇڏيا
آبپاشي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته منڇر ڍنڍ کي پهريان ڪٽ ڏيڻ باوجود پاڻي جِي سطح گهٽ نه ٿي هئي
صوبائي وزير موجب وڌيڪ ڪٽ ڏيڻ بعد دادو، خيرپورناٿن شاهه ۽ ميهڙ ۾ پاڻي جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو
منڇر ڍنڍ کي اڳواٽ ڏنل ڪٽن سبب پاڻي جا وهڪرا يوسي بوبڪ کي ٻوڙڻ بعد يوسي چنا ۽ آراضي ۾ داخل ٿيل آهي، وڌيڪ 2 ڪٽ ڏيڻ کانپوءِ به ڄاڻايل ٽنهي يوسيز سميت يوسي واهڙ ۽ جعفر آباد جا اڪثر علائقا ۽ سوين ڳوٺ سخت متاثر ٿيندا
منڇر جو پاڻي سوين ڳوٺ ٻوڙيندو سيوهڻ ٽول پلازا وٽ انڊس هاءِ وي سان ٽڪرائجي ويو، بوبڪ- سيوهڻ لنڪ روڊ ٻڏي ويو، ٻڏي ويل يوسيز ۾ سوين ماڻهو گهرن اندر ڦاٿل، متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي اُڪاري لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن

ھي به پڙھندا

سيوهڻ بچائڻ لاءِ منڇر کي 200 فوٽن جو ڪٽ، دٻاءُ برقرار، وڌيڪ 2 ڪٽ ڏيڻ جو فيصلو

سنڌ ۾ بلوچستان کان ساڍا 5 لک ڪيوسڪ جا وهڪرا اچڻ جو انڪشاف