ميھڙ  (ن پ ا) ميھڙ جي رنگ بند توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ پاڻي جي سطح ۾ گھٽتائي اچڻ جو سلسلو جاري آھي، ايم اين وي ڊرين ، سپريو بند توڙي ايف پي بند وٽ به پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان لاٿ ٿي رھي آھي، پاڻي جي لاٿ ھجڻ باوجود به انتظاميا پاران لڳل گھارا بند نه ڪيا ويا آھن، جنھن سبب بلوچستان کان ايندڙ پاڻي جو وھڪرو لڳل گھارن سبب ميھڙ طرف ھلندڙ آھي،  جڏهن ته ميھڙ جي رليف ڪئمپن توڙي فريدآباد جي ڪچي وارن علائقن ۾ بندن تي ويٺل ٻوڏ متاثرين عورتن ۽ مردن پاران راشن نه ملڻ خلاف انتظاميا خلاف دانهيندي چيو ته  مختيارڪار ميھڙ   ۽ تپيدار امدادي  سامان ھڙپ ڪري ڇڏيو آھي، اسان کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهيون، ڪير سار لهڻ وارو ناهي، هوڏانهن  ضلعي حڪومت ، ڊي سي دادو پاران جوڙيل راشن ڪاميٽي به متحرڪ ناھي ٿي سگھي، جنھن سبب ميھڙ ۾ متاثرن لاءِ  آيل راشن کي 6 ڏينھن گذرڻ باوجود ورھائجي ناھي سگھيو، جڏھن ته ضلعي حڪومت پاران عدالتي حڪم تي ٺھيل ٽينٽ سٽي وارو ڪم به مڪمل ناھي ٿي سگھيو، ٽينٽ سٽي ۾ ھن وقت تائين پيئڻ جو پاڻي توڙي واش روم به  ٺھي ناھن سگھيا.