ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور لڳ ساهرن ۾ مهمان ٿي آيل ماتلي واسي ڀوريو عرف پريم چند ڪولهي جو وڻ ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو، اطلاع باوجود پوليس دير سان پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو،  جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان حوالي سان سهري ويرجي ڪولهي ٻڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن سبب هن آپگهات ڪيو آهي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو.