اڪري چودڳي (ن پ ا) اڪري چودڳي ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي تيز رفتار ڊمپر روڊ ڀرسان ويٺل برسات متاثر خاندان جي ٻالڪ کي چيڀاٽي ڇڏيو. برسات متاثر نينگر رضامحمد خاصخيلي روڊ پار ڪري رهيو هو ته تيز رفتار ڊمپر کيس چيڀاٽي ڇڏيو. نينگر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. اطلاع ملڻ تي اڪري چودڳي پوليس پهچي نينگر جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. اڪري پوليس ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي ڊمپر کي پوليس اسٽيشن تي بيهاري ڇڏيو آهي.