ميھڙ(ن پ ا) ايس ايس پي دادو عرفان  سمون ماڊل ڪورٽ جي جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ميهڙ جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي، ماڊل ڪورٽ جي جج پاران آءِ جي پوليس کي لکت ۾  درخواست، ان ڏس ۾ ايس ايس پي دادو عرفان سمون ميهڙ ماڊل ڪورٽ ۾ مقرر سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مجيب الرحمان ڦلپوٽو جي  سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي، ايس ايس پي دادو جي اهڙي عمل بعد ماڊل ڪورٽ جي جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو آءِ جي پوليس کي لکت ۾ ليٽر لکي شڪايت ڪئي آهي ته ايس ايس پي دادو سنڌ حڪومت ۽ گهرو کاتي جي ججن کي سيڪيورٽي ڏيڻ واري حڪم جي انحرافي ڪندي بنا ڪنهن سبب جي سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي، جيڪو غير قانوني عمل آهي ، مون کي ڪو به نقصان پهتو ته زميوار ايس ايس پي دادو هوندو، ھن آءِ جي پوليس کي ٽن ڏينهن اندر واقعي جو نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آهي.