لاهور (م ڊ) لاهور ۾ مينار پاڪستان تي يوٽيوبر ناري عائشه اڪرم جي تذليل ۽ ڪپڙن کان آجو ڪرڻ واري ڪيس ۾  عدالت سڃاڻپ نه ٿيڻ تي 98 جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سڃاڻپ نه ٿيندڙ جوابدارن کي گروپن جي صورت ۾ عدالت آندو ويو هو، ڊي آءِ جي جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر ۾ شامل سمورا 400 ماڻهو ئي واقعي ۾ ملوث نه آهن، مجموعي طور تي 105 ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو،530 ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي، وڌيڪ جاچ هلندڙ آهن، ٻين جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو.