اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لاهور ۾ موجود اولڊ ريلوي گالف ڪلب جي آڊٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي  ٻڌڻي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾  بينچ ريلوي گالف ڪيس عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل اڍائي سالن کان گالف ڪلب کي مقاطعي تي ڏيڻ لاءِ ٽينڊر جاري نه ڪيا ويا آهن، اهي ٽينڊر جاري ڪرڻ لاءِ ريلوي کي وڌيڪ گهڻو عرصو لڳندو، ريلوي جي وفاقي وزير وفاقي سيڪريٽري کي باءِ پاس ڪري گالف ڪلب واري مامري تي صلاحڪار مقرر ڪيو، جنهن عهدو سنڀالڻ کان پوءِ لٽمار مچائي ڇڏي ۽ هن ڪلب جي اعزازي ميمبرشپ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪلب مان پراڻن ملازمن کي نوڪرين مان فارغ ڪري نوان ملازم ڀرتي ڪيا پيا وڃن، جسٽس اعجاز الاحسن وڌيڪ چيو ته هن عدالت کي آگاهي ڏني وئي هئي ته گالف ڪلب کي مقاطعي تي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي سيڙپڪار بريف ڪيس کڻي وزارت جا چڪر ڏئي رهيا آهن، وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ريلوي جي کاتي ۾ پراڻي مينيجمينٽ جي نظام کي سياسي مداخلت خراب ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت کي گهرجي ته ريلوي سميت هر شعبي ۾ شفافيت ۽ ايمانداري کي يقيني بڻائي.