گڊو (ن پ ا)  پنجاب جي علائقي شاھوالي واسي اسد آرائين اغوا ٿي ويو.نوجوان  طبيعت خراب ٿيڻ تي سئوٽ تاج محمد آرائين سان گڏ اسپتال وڃي رھيو هو، 5 ھٿيار بند کيس اغوا ڪري ويا، سندس سئوٽ تاج محمد آرائين کي مار ڪٽ ڪري ڇڏي ڏنو، جنھن جو اطلاع وارثن شاھوالي پوليس کي ڏنو.