ميرپورماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو ميونسپل ڪاميٽي جي ريٽائرڊ ملازم عبدالعزيز ڪورائي پاران پينشن جاري نه خلاف گذريل ڏينھن ميونسپل ڪاميٽي جي آفيس آڏو جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪندي نٽھڻ اُس تي گاڏين اڳيان ليٽي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ان موقعي تي صحافين آڏو دانھيندي ملازم عبدالعزيز چيو ته ھو دل جو مريض ھئڻ سان گڏ ھڪ ڄنگھ کان معذور آھي، وٽس علاج توڙي گھر جي راشن وٺڻ لاءِ پئيسا ناھن، ھو ھر روز ميونسپل آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آھي پر سي ايم او سلمان لُنڊ ۽ اڪائونٽنٽ زاھد نائچ ھر روز دلاسا ڏين ٿا، ھن الزام ھنيو ميونسپل جا ڪامورا فرضي نالا ڀري 900 ملازمن جون پگھارون ڪڍرائي پاڻ ھڙپ ڪري ٿا ڇڏن پر منھنجي پينشن ڏيڻ لاءِ تيار نه آھن.