ميرپورخاص(بيورو رپورٽ)ميرپورخاص ڊويزن ۾ آپگھاتن جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، وڌيڪ ھڪ ناري ٽن ٻارن جي ماءُ گھريلو اڻبڻت سبب ڦاھو کائي پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو. ميرپورخاص لڳ ڄام لغاري ڳوٺ ۾ 35 ورھين جي شادي شدا ناري شريمتي لالي ڪولھي گھرو اڻبڻت سبب پنهنجي ئي گھر ۾ مبينا ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏي. اطلاع تي تعلقي پوليس پھچي لاش سول اسپتال ميرپورخاص آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش سندس مڙس پرڪاش حوالي ڪيو ويو.