ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪتن تي ڪنٽرول نه ٿيو، مختلف هنڌن تي هڪ عورت سميت وڌيڪ 4 ڄڻا ڏاڙهجي زخمي. خبر موجب خيرپور ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لقمان ۾ غازي چوڪ ڀرسان ٻارڙي غلام عباس ڪنڀر کي ڪُتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو. مبارڪپور ويجهو ڳوٺ ڌڻي بخش مستوئي جي رهواسي رسول بخش مستوئي کي رولو ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڍو، ٻئي پاسي ڳوٺ حاجي عبدالحڪيم کوسو جي رهواسي مسمات نهالان خاتون کي ڇتي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو. جنهن کي جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. منهڙو ڀرسان ڳوٺ پيارو خان سومرو ۾ مسجد جي پيش امام ڪريم بخش سومرو کي رولو ڪتن ڏاڙھي سخت زخمي ڪري وڌو.