شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور جي عدالت ڪُتي ڏاڙھڻ وارن ڪيسن ۾ ضامن نه ڪرائڻ تان مختيارڪار کي جوڊيشل لاڪپ ڪري ڇڏيو، کيس مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سيڪنڊ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ٽو مسٽر عظيم خواجه جي عدالت ۾ ڪتي ڏاڙھڻ وارن ڪيسن جي ٻڌڻي دوران جوابدار ڄاڻايل مختيارڪار قمرالدين راهپوٽو پيش ٿيو، ٻڌڻي دوران مختيارڪار مٿس ڪيس داخل هجڻ واري معاملي تان ئي اڻڄاڻائي ظاهر ڪري ڇڏي، جنهن تي عدالت سڳوري ضامن نه ڪرائڻ تان کيس جوڊيشل ڪسٽڊي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏيندي هر هڪ ڪيس ۾ 20،20 هزار جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. جنهن بعد جوابدار جي وڪيل ايڊوڪيٽ شبير عمراڻي پاران مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد عدالت سڳوري مختيارڪار کي آزاد ڪري ڇڏيو. مختيارڪار مٿان شھدادپور ۽ لنڊو ٿاڻن تي چار ڪيس داخل آهن ڪيسن ۾ ضامن نه ڪرائڻ تان عدالت سڳوري اڳ ئي گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.