ميرپورخاص (رپورٽ: وارث خاصخيلي)میرپورخاص لڳ امام بخش لغاري ڳوٺ ۾ شادي جي پھرين رات پسند شادي ڪندڙ نوجوان گھوٽ صابر کوکر جو ڪمري مان گولي لڳل لاش ھٿ اچڻ واري واقعي جو ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن (ر) اسد علی چوڌري نوٽيس وٺندي ميرواھ گورچاڻي پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او کي به جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ھوڏانھن شھيد دين محمد لغاري ٿاڻي پوليس واقعي واري هنڌ تان مليل پسٽل جي مالڪ ۽ فوتي گھوٽ جي دوست راجا کوکر کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ميرپورخاص پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته واقعي جي سڀني پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، شڪ  جي بنيادن تي پسٽل جي مالڪ کي تحويل ۾ وٺي جاچ ڪيون پيا، هن چيو ته ڪنوار جي بيان سان ڪيس کي بند نه ڪيو ويندو.