ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ويجهو 78موري لڳ دوس محمد مهر ڳوٺ ۾ پيرسن 70 ورھين جي راشي ڪولھي مبينا وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو. اطلاع تي تعلقي پوليس پھچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال پھچايو جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سندس آپگھات ڪرڻ جي اصل حقيقت سامهون نه اچي سگهي. وارثن پاران سندس دماغي توازن درست نه ھئڻ جو ٻڌايو پيو وڃي.