ٺٽو (رپورٽر) جھرڪ ويجھو گولي لڳل تشدد ٿيل پيرسن شخص جو لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو، جتي لاش جي سڃاڻپ سول ڪالوني اولڊ ڪلفٽن ڪراچي جي رھواسي 53 ورهين جي نبي گل ولد اعظم گل طور ٿي آھي، جيڪو رٽائرڊ پوليس جمعدار ٻڌايو پيو وڃي، ايس ايچ او جھرڪ اميربخش کوسو موجب وارثن ٻڌايو ته تشدد ٿيل شخص ڪالھه ڪراچي مان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿي ويو ھو، جنھن جي اغوا جي رپورٽ ڪراچي ڪلفٽن جي ڪنھن ٿاڻي تي درج ٿيل آھي، جنھن کي اغوا بعد جھرڪ ويجھو قتل ڪري لاش ڦٽو ڪيو ويو آهي، جنھن کي سرزمين تان کڻائي سول اسپتال مڪلي پھچائي ضروري ڪاروائي بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو آھي.