وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ لڳ ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، عورت فوت، عورت سميت 3 ڄڻا زخمي. خبر موجب انڊس ھاءِ وي تي ڪار موٽرسائيڪل کي پويان ٽڪر هنيو، جنھن جي نتيجي ۾ قمبر واسي موٽرسائيڪل سوار 2 عورتن منظوران خاتون، زڪيا خاتون نينگري آسيا ۽ غلام نبي ٽوٽاڻي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي واقعي واري ھنڌ موجود ماڻھن چنگچي رڪشا ۾ کڻائي وڳڻ اسپتال پھچايو، جتان کين لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو جتي مسمات زڪيا خاتون چانڊيو زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي وئي. فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.