ميرپورخاص: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي پاران اھم انڪشاف

0
320
ايف آءِ اي محسن بيگ

ميرپورخاص (ن پ ا) ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ھريش ڪڙيلا ۽ ٻياجوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جتي اھم انڪشاف ٿيا آهن، ٻڌڻي دوران ايف آئي اي عملدارن وڌيڪ ٻن ڀائيوارن جسونت ڪمار ۽ حضرت علي جا نالا ظاھر ڪري ڇڏيا، عدالت ٻنھي جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته ايف آئي اي عملدارن ٻيھر فائنل چالان پيش ڪرڻ جي درخواست ڪئي، درخواست تي فيصلو نه ٿي سگھيو، عدالت ٻنھي جوابدارن جسونت ڪمار ۽ حضرت علي کي 14 جولاء تائين گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو.