حريم شاھ طرفان انسٽا گرام تي شيئر ڪيل تصويرجي حقيقت ڇا آهي؟

0
474

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه طرفان انسٽا گرام تي شيئر ڪيل تصوير جنهن ۾ مرد ۽ هڪ عورت جو هٿ هو جيڪو ڏسندي ئي ڏسندي هي تصوير وائر ٿي وئي ۽ تصوير ۾ موجود مرداڻي هٿ کي حريم جي مڙس جو هٿ سمجهيو ويو پر هاڻي هن حوالي سان حقيقتون سامهون اچي ويون آهن، حريم شاهه جي انسٽا گرام اڪائونٽ تي شيئر ٿيل تصوير بابت ڪاروباري شخصيت حسن اقبال جي دعويٰ آهي ته تصوير ۾ موجود هٿ هن جو آهي، نجي ٽي وي سان وڌيڪ تصويرون شيئر ڪندي حسن اقبال جو چوڻ آهي ته وائرل تصوير ۾ موجود مرداڻي هٿ ۾ ٻڌل گهڙي ۽ منڊي سڀ منهنجيون آهن، جڏهن ته تصوير ۾ موجود عورت جو هٿ حريم جي بجاءِ منهنجي دوست جو هٿ آهي، هن جو چوڻ آهي ته کيس ناهي خبر ته حريم شاهه هي تصوير ڪٿان کنئي آهي، حريم خود اعتراف ڪري چڪي آهي ته هن تصوير جو هن جي شادي سا ڪو به واسطو نه آهي، واضح رهي ته حسن اقبال هن کان اڳ حريم شاهه سان گڏ مختلف ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ۾ ڏٺو ويو آهي ۽ گذريل ڏينهن حريم شاهه سنڌ جي هڪ صوبائي وزير سان شادي ڪرڻي جي دعويٰ ڪئي ۽ چيو ته تمام جلد هو ان جو نالو به ٻڌائيندي، حريم شاهه سوشل ميڊيا تي ڪنوار جي لباس ۾ پنهنجي تصوير ۽ مرداڻي هٿ ۾ عورت جي هٿ واري تصوير به شيئر ڪئي هئي.