ڪراچي ۾ ٻٽو قتل ڪندڙ ٻه جوابدارٽن ساٿين سوڌو گرفتار

0
270
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون
سنڌ پوليس جي آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي هوٽل مالڪ جي پٽ ۽ گراهڪ کي قتل ڪندڙ ٻن جوابدارن ۽ ان جي ٽن ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز سنڌ ۽ پوليس انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي ڪراچي جي علائقي لياري ۾ رانگي واڙه ۽ مولا مدد ۾ گڏيل طور ڪارروائي ڪئي، گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ سرور بلوچ، فائز عرف فيضي، صهيم عرف فهيم، جمشيد ۽ شيراز شامل آهن، جوابدرن جي قبضي مان 3 پستول ۽ ڪجهه هينڊ گرنيڊ به هٿ ڪيو ويو آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته فائز عرف فيضي ۽ صهيم عرف فهيم جوابدار سرور بلوچ جي چوڻ تي لياري جي علائقي کڏا مارڪيٽ ۾ واقع بسم الله هوٽل جي مالڪ محمد حنيف کان ڀتو نه ملڻ تي 6 اپريل 2021 تي هوٽل ۾ ئي فائرنگ ڪري ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هوٽل جي مالڪ جو پٽ امان الله ۽ هڪ گراهڪ ٿڏي تي قتل ٿي ويا، ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جوابدار سرور بلوچ اعتراف ڪيو آهي ته هو 2009 کان 2013 تائين لياري گينگ واري سان واڳيل رهيو ۽ ڀتا خوري، منشيات فروشي ۽ گينگ وار جي مقابلن ۾ شامل رهيو، ترجمان موجب 2013 ۾ ڪراچي آپريشن شروع ٿيندي ئي جوابدار اندرون سنڌ فرار ٿي ويو هو ۽ 2019 تائين روپوش رهيو، 2019 جي آخر ۾ هو ٻيهر لياري ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ڄاڻايل جوابدارن سان گڏجي ڀتا خوري ۽ ڦرلٽ جهڙن وارداتن ۾ ملوث رهيو، ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي هٿيارن سوڌو ايمونيشن قانوني ڪارروائي جي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.