ميرپورخاص (رپورٽر) ميرپورخاص جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج عبدالرحمان قاضي جي عدالت ۾ ٻٻر لانگهاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران ھڪ جوابدار نور محمد لانگھاڻي تي قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي عدالت کيس عمر قيد ۽ 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جيڪا رقم مقتول جي وارثن کي ھرجاڻي جي صورت ۾ ادا ڪندو، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد ڪاٽيندو، جڏھن ته ساڳئي ڪيس ۾ ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي 3 جوابدار امين، دريا خان ۽ غلام نبي لانگھاڻي کي عدالت بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو آهي.