پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرجوڳوٺ جي چادر بازار جي رهواسڻ ناري ندا ملڪ مڙس پاران خرچ نه ڏيڻ تي ڀاءُ ۽ پي سميت پيرجوڳوٺ جي عدالت پهتي ته اطلاع تي ناري جو مڙس بلاول ملڪ ڏير ۽ سهرو پهچي کيس تشدد ڪري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته مزاحمت تي ناري ندا ملڪ جو پيءُ ۽ ڀاءُ زخمي ٿي پيا جڏهن ته ان حوالي سان متاثر ناري ٻڌايو ته مڙس، ڏير ۽ سهرو گهر جو خرچ گهرڻ تان تشدد ڪندا هئا جن ظلمن کان تنگ ٿي وارثن سان عدالت پهتس ته حملو ڪري کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته ناري ندا جي ڀاءُ جي فرياد تي پيرجوڳوٺ ٿاڻي تي بلاول نور محمد بدر الدين ملڪ سميت ڇهن ڄڻن تي اين سي داخل ڪئي وئي مڙس کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو آهي