ميرپورخاص (رپورٽ: روي شنڪر مالھي) تعليمي بورڊ ميرپورخاص جي ايپڪا يونٽ جي اڳواڻن ۽ ملازمن نعمان احمد راجپوت، نديم احمد، اعجاز حسين، علي ارسلان، مير محمد پالاري، شفيق عباسي ۽ ٻين ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ هڪ تڪڙي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت پاران 18-2017 ۾ سنڌ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مفت تعليم فراهم ڪندي امتحاني فيسون پاڻ ادا ڪرڻ واري اعلان تي اسان کي به وڏي خوشي ٿي پر اعلان بعد سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي تعليمي بورڊن کي فين جي مد ۾ ملندڙ رقم فراهم نه ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري ميرپورخاص جي تعليمي بورڊ سميت پوري سنڌ جا تعليمي بورڊ مالي بحران جو شڪار آهن، هنن چيو ته هن وقت تائين اسان بورڊ ۾ ملازمن جي پينشن ۽ ٻين ادائيگين جي حوالي سان محفوظ ڪيل رقم مان پگھارن سميت ٻيا خرچ هلائي رهيا هئاسين پر هاڻ ايندڙ مهيني جي پگھارن جا پئسا به تعليمي بورڊ وٽ موجود نه آهن ۽ رٽائرڊ ۽ فوتي ملازمن کي هلندڙ مهيني ۾ سوا ٽي ڪروڙ رپين جون ادائيگيون ۽ اسيسمنٽ جي مد ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ جون ادائيگيون ڪرڻيون هيون جيڪي نه ٿي سگهيون آهن جنهن جي ڪري فوتي ۽ رٽائرڊ ملازمن جا وارث سخت پريشان آهن ۽ اسيسمنٽ ڪرڻ وارن ڪاپيون چيڪ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ آڪٽوبر تائين سنڌ حڪومت پاران تعليمي بورڊ ميرپورخاص کي هڪ رپئي جو فنڊ به جاري نه ڪيو ويو آهي، جنهن جي ڪري ملازمن جون پگھارون ادا ڪرڻ ۽ اسيسمنٽ جا پئسا ڏيڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته ڏهين ڪلاس جي سالياني امتحانن جا نتيجا جيترو جلد ممڪن ٿي سگهن جاري ڪري سگھون پر ٻارهين ڪلاس جي سالياني امتحانن جا نتيجا فنڊ جاري ٿيڻ کان اڳ جاري ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي جنهن سان ميرپورخاص ڊويزن جي 64 هزار کان وڌيڪ جڏهن ته پوري سنڌ ۾ لکين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي مشڪلاتون پيش اينديون. هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڏانهن صرف تعليمي بورڊ ميرپورخاص جا فين جي مد ۾ سال 2017 ۽ 18 ع جا 03 لک 43 ھزار 400 روپيا رھيل آھن اھڙي طرح سال 2018۽ 19ع ۾ 05 ڪروڙ 27 لک ، 62 ھزار 500 ۽ سال 2019۽ 20 ع ۾ 21 ڪروڙ، 89 لک، 34 ھزار رپيا، سال 2020ع ۽ 21 جا 11 ڪروڙ،97 لک، 58 ھزار رپيا رھيل آھن. جڏھن ته مجموعي طور تعليمي بورڊ ميرپورخاص جا سنڌ حڪومت ڏانھن 61 ڪروڙ، 24 لک، 24 ھزار، 850 رپيا رھيل آھن جڏهن ته پوري سنڌ جي بورڊن جون اربين رپين ۾ رهتون سنڌ حڪومت کي ادا ڪرڻيون آهن. هنن چيو ته موجوده حالتن کي ڏسندي پوري سنڌ جي بورڊن جي ملازمن جي تنظيم ايپڪا پاران هڪ پليٽ فارم تي جمع ٿي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي گڏيل طور احتجاجي تحريڪ جي پهرين مرحلي ۾ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري بورڊن جي مالي بحران کان عوام ۽ حڪومت کي آگاهه ڪرڻ جنهن بعد مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.