ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ ڀٽي محلا ۾ نواب کوکر ۽ شھزادو کوکر جي  ڌرين ۾ سڱاوتي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو،لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب هڪ ڌر جا شھزادو، عمران کوکر ۽ هڪ عورت بچل خاتون زخمي ٿي پيا، پوليس نواب کوکر ۽ قربان کوکر کي گرفتار ڪري ورتو، زخمين کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال موڪليو ويو آهي . شھزادو کوکر ٻڌايو ته نواب کوکر ڏانهن سڱ رهيل آهي جيڪو نه پيو ڏي جنهن ڪري قرآن پاڪ ۽ نياڻيون ميڙ وٺي وياسين ته هن حملو ڪيو جنهن ۾ مان ۽ منهنجو ڀاءُ عمران ۽ امڙ بچل خاتون زخمي ٿي پيا آهيون.ٿاڻي تي فلحال ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي وئي آهي.