تلھار (ن پ ا) تلھار جي باواني شوگر مل جي شعبا بجلي جو ورڪر 28 ورهين جو اصغر ڪنڀار ڊيوٽي دوران ڪم ڪندي مل جي عمارت جي اوچائي تان ڪري سخت زخمي ٿي پيو،  جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد جي بون ڪئير اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڌڪن جا سور نه سھندي پورهيت دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.